دادو ڪئنال

دادو ڪئنال

دادو ڪئنال

دادو ڪئنال: دادو ڪئنال، سکر بئراج کان ساڄي طرف سنڌونديءَ مان سکر شهر وٽان نڪرندڙ هڪ اهم ڪئنال آهي. هن ڪئنال جي ڊيگهه 125 ميل آهي. سکر بئراج کان هن ڪئنال جي ڊسچارج 5400 ڪيوسڪ پاڻي آهي. هيءُ ڪئنال سڄو سال (Perenial Canal) وهندو آهي. هي ڪئنال سکر کان نڪري شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن مان وهي ٿو. دادو ڪئنال تي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آر. ڊي-191.57، آر. ڊي-250.60، آر. ڊي-283.52، آر. ڊي-331.91، آر. ڊي-383.47 ڪراس ريگيوليٽر آهن. هنن ڪراس ريگيوليٽرن جي ريماڊلنگ ڪري دروازا وڌايا ويا آهن. دادو ڪئنال تي خريف جو فصل 40 سيڪڙو ۽ ربيع جو فصل 45 سيڪڙو ٿيندو آهي. دادو ڪئنال لاڙڪاڻي ضلعي مان 45 ميل وهي ٿو. هن ڪئنال جا ڪجهه حصا پراڻي الهندي ناري واهه مان به آهن. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ دادو ڪئنال جي زمينن ۾ انبن، زيتونن ۽ کجين جا وڏا باغ آهن.
دادو ڪئنال مان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هيٺيان واهه ۽ شاخون نڪرن ٿيون:
1. نصرت مائينر: نصرت مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي- 157.5 کان کٻي طرف نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 4.0 ميل، ڊسچارج 34.20 ڪيوسڪ آهي. نصرت مائينر تي 2766 ايڪڙ زمين موجود آهي، جنهن مان 2234 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 11 واهه نڪرن ٿا.
2. ڦلپوٽا مائينر: ڦلپوٽا مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-191.57 کان کٻي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 2.59 ميل، ڊسچارج ڪيوسڪس آهي. ڦلپوٽا مائينر تي 1095 ايڪڙ زمين رکيل آهي، جنهن مان 1053 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 6 واهه نڪرن ٿا.
3. شاهه مائينر: شاهه مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-191.57 ڪراس ريگيوليٽر کان نڪري ٿي. هيءَ تمام ننڍي شاخ 100 فوٽ ڊگهي آهي. ڊسچارج 1.44 ڪيوسڪس اٿس. هن مائينر تي 353 ايڪڙ زمين رکيل آهي. جن مان 293 ايڪڙ آباديءَ لائق آهي. هن مان 3 واهه نڪرن ٿا.
4. آگاڻي مائينر: آگاڻي مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-215.89 کاٻي پاسي کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 1.38 ميل آهي، جڏهن ته ڊسچارج 9.78 ڪيوسڪس آهي. آگاڻي مائينر تي 1297 ايڪڙ زمين رکيل آهي، جنهن مان 1273 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 6 واهه نڪرن ٿا.
5. ماهوٽا مائينر: ماهوٽا مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-218.19 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 1.2 ميل، ڊسچارج 4.11 ڪيوسڪس آهي. ماهوٽا مائينر تي 678 ايڪڙ زمين رکيل آهي، ان مان 633 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 5 واهه نڪرن ٿا.
6. سامٽيا مائينر: سامٽيا مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-232.93 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 400 فوٽ آهي. ڊسچارج 5.21 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 375 ايڪڙ زمين رکيل آهي، ان مان 353 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 3 واهه نڪرن ٿا.
7. سعدو ديرو مائينر: سعدو ديرو مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-233 مان نڪري ٿي، هن مائينر جي ڊيگهه 3.34 ميل، ڊسچارج 6.75 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 1538 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1406 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 10 واهه نڪرن ٿا.
8. مسو حب مائينر: مسو حٻ مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-233 مان نڪري ٿي، هن جي ڊيگهه هڪ ميل، ڊسچارج 27.95 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 2539 ايڪڙ زمين رکيل آهي، ان مان 2383 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي، هن مائينر مان 7 واهه نڪرن ٿا.
9. گهانگرا مائينر: گهانگرا مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-237.8 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه اڌ ميل، ڊسچارج 11 ڪيوسڪس آهي. گهانگرا مائينر تي 457 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 396 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 4 واهه نڪرن ٿا.
10. فتح مائينر: فتح مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-241 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 1.5 ميل، ڊسچارج 2.57 ڪيوسڪس آهي. هن تي 1481 ايڪڙ زمين رکيل آهي، ان مان 1454 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي، فتح مائينر مان 9 واهه نڪرن ٿا.
11. ڦل مائينر: ڦل مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-249 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.72 ميل، ڊسچارج 21.58 ڪيوسڪس آهي. ڦل مائينر تي 616 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 8 واهه نڪرن ٿا.
12. لاڙڪاڻو مائينر: لاڙڪاڻو مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-49 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 4.06 ميل، ڊسچارج 46.73 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 892 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 814 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مائينر مان 6 واهه نڪرن ٿا. هن مائينر مان ڊانڊو مائينر آر.ڊي-30 کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 1.88 ميل ڊسچارج 10.42 ڪيوسڪ آهي. هن مائينر تي 872 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 842 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 11 واهه نڪرن ٿا.
13. پير شيخ شاخ: پير شيخ شاخ دادو ڪئنال مان آر.ڊي-250 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 1.32 ميل، ڊسچارج 6.52 ڪيوسڪس آهي. هن تي 363 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 342 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 4 واهه نڪرن ٿا.
14. پليجا مائينر: پليجا مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-259 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.3 ميل، ڊسچارج 11.45 ڪيوسڪس آهي. هن تي 839 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 753 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 7 واهه نڪرن ٿا.
15. هـزارو شاخ: هـزارو شاخ دادو ڪئنال مان آر.ڊي-262 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 1356 ميل، ڊسچارج 28.06 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 2372 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 2311 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 16 واهه نڪرن ٿا.
16. گل سپي شاخ: گل سپي شاخ دادو ڪئنال مان آر.ڊي-279.66 کان نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهه 9 ميل، ڊسچارج 116.98 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 12377 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 7896 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن شاخ مان 36 واهه نڪرن ٿا.
17. قطب مائينر: قطب مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-280.50 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.67 ميل، ڊسچارج 15.59 ڪيوسڪس آهي. قطب مائينر تي 770 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 747 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 3 واهه نڪرن ٿا.
18. باقراڻي مائينر: باقراڻي مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-282.97 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 4.76 ميل، ڊسچارج 50.26 ڪيوسڪس آهي. هن تي 2932 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 2840 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. باقراڻي شاخ مان 21 واهه نڪرن ٿا.
19. جتوئي شاخ: جتوئي شاخ دادو ڪئنال مان آر.ڊي-283.4 کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 3.65 ميل، ڊسچارج 85.06 ڪيوسڪس آهي. هن تي 974 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 896 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 10 واهه نڪرن ٿا. ان کان سواءِ هن شاخ مان هيٺيان مائينر پڻ نڪرن ٿا.
(الف) نبي بخش مائينر: نبي بخش مائينر جتوئي شاخ مان آر.ڊي-5.33 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.5 ميل، ڊسچارج 34.5 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 1378 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1303 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 13 واهه نڪرن ٿا.
(ب) ڌانداري مائينر: ڌانداري مائينر جتوئي شاخ مان آر. ڊي-14.59 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 1.1 ميل، ڊسچارج 8.85 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 638 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 780 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مائينر مان 6 واهه نڪرن ٿا.
20. ڊوڪا مائينر: ڊوڪا مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي301 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.16 ميل، ڊسچارج 13.60 ڪيوسڪس آهي. هن تي 1151 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 995 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 7 واهه نڪرن ٿا.
21. ڪاڻيا مائينر: ڪاڻيا مائينر، دادو ڪئنال مان آر.ڊي-301 کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 1.32 ميل، ڊسچارج 14.42 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 1151 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1095 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 7 واهه نڪرن ٿا.
22. آريجا مائينر: آريجا مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-310 مان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 1.84 ميل، ڊسچارج 7.54 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 1796 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1756 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 9 واهه نڪرن ٿا.
23. موسيٰ مائينر: موسيٰ مائينر، دادو ڪئنال مان آر. ڊي-311 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 3 ميل، ڊسچارج 30.69 ڪيوسڪس آهي. هن تي 2656 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 2101 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 18 واهه نڪرن ٿا.
24. پٺاڻ شاخ: پٺاڻ شاخ دادو ڪئنال مان آر. ڊي-311 کان نڪري ٿي. هن مائينر ۾ پاڻيءَ جو ڊسچارج 17.55 ڪيوسڪس آهي. هن تي 1566 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 11520 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مائينر مان 3 واهه نڪرن ٿا.
25. بکوديرو مائينر: بکو ديرو مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-315.83 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 2.37 ميل، ڊسچارج 21.52 ڪيوسڪس آهي. هن تي 1259 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1212 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 13 واهه نڪرن ٿا.
26. سنديلو مائينر: سنديلو مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي- 317.0 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 0.018 ميل، ڊسچارج 14.64 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 746 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 732 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. سنڌيلو مائينر مان 3 واهه نڪرن ٿا.
27. موهن جو دڙو مائينر: موهن جو دڙو مائينر، دادو ڪئنال مان آر. ڊي-331.90 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 4.25 ميل، ڊسچارج 57.77 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 3640 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 3635 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مائينر مان 22 واهه نڪرن ٿا.
ان کان سواءِ هن مائينر مان شاهه بيگ مائينر آر. ڊي-17.87 مان نڪري ٿي. هن مائينر ۾ پاڻيءَ جو ڊسچارج 1.62 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 590 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 540 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مائينر مان 5 واهه نڪرن ٿا.
28. وڪڙو مائينر: وڪڙو مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-331.91 مان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.24 ميل، ڊسچارج 7.78 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 1027 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1005 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مائينر مان 9 واهه نڪرن ٿا.
29. ڏوڪري مائينر: ڏوڪري مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-331.91 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 5.92 ميل، ڊسچارج 64.58 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 5158 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1251 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 7 واهه نڪرن ٿا. جڏهن ته هن مائينر مان هيٺيان واهه ۽ مائينر پڻ نڪرن ٿا:
(الف) سنهڙي مائينر: سنهڙي مائينر ڏوڪري مائينر مان آر.ڊي-23 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 0.93 ميل، ڊسچارج 15.65 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 1269 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1251 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 7 واهه نڪرن ٿا.
(ب) بٺ مائينر: بٺ مائينر ڏوڪري مائينر مان آر.ڊي-25 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 3 ميل، ڊسچارج 24.56 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 2553 ايڪڙ زمين رکيل آهي، ان مان 2063 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 10 واهه نڪرن ٿا.
(ٻ) خير واهه مائينر: خير واهه مائينر ڏوڪري شاخ مان آر.ڊي-26 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 1.7 ميل، ڊسچارج 8.04 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 1299 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 992 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 5 واهه نڪرن ٿا.
30. حسن واهڻ مائينر: حسن واهڻ مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-341.92 مان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 0.132 ميل، ڊسچارج 2.80 ڪيوسڪس آهي. هن تي 694 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 280 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 2 واهه نڪرن ٿا.
31. جکرو مائينر: جکرو مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-375.94 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 0.06 ميل، ڊسچارج 7.78 ڪيوسڪس آهي. جکرو مائينر تي 2304 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1115 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 6 واهه نڪرن ٿا.
32. عالماڻي مائينر: عالماڻي مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-332.83 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 1.72 ميل، ڊسچارج 23.42 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 3556 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 3433 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 12 واهه نڪرن ٿا. هي مائينر پراڻي ڌامراهه واهه مان نڪتل آهي، جيڪو الهندي ناري واهه مان وهندو هو.
33. قبوليو شاخ: قبوليو شاخ دادو ڪئنال مان آر.ڊي-383 کان نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهه 3.1 ميل، ڊسچارج 12.09 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 2073 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1440 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 4 واهه نڪرن ٿا.
34. ڪاراڻي مائينر: ڪاراڻي مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-383 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 3.3 ميل، ڊسچارج 25.0 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 2417 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1597 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 11 واهه نڪرن ٿا.
(الف) ويهڙ مائينر: ويهڙ مائينر ڪاراڻي مائينر مان آر.ڊي-7.75 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.4 ميل، ڊسچارج 8.93 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر جي ڊيگهه 2.4 ميل، ڊسچارج 8.93 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 3220 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 2582 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 7 واهه نڪرن ٿا.
(ب) گاجي ديرو مائينر: گاجي ديرو مائينر ڪاراڻي مان آر.ڊي-1656 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 0.88 ميل، ڊسچارج 5.66 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 1995 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1032 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 2 واهه نڪرن ٿا. (ٻ) فتح پور مائينر: فتح پور مائينر، ڪاراڻي شاخ مان آر.ڊي-16.6 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 0.8 ميل، ڊسچارج 5.83 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 2537 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1972 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مائينر مان 3 واهه نڪرن ٿا.
35. ٽاٽڙي مائينر: ٽاٽڙي مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-383.4 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 7 ميل، ڊسچارج 33.04 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 4997 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 4849 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مان 27 واهه نڪرن ٿا. ان کان سواءِ هن مان ڀليڏنو مائينر آر.ڊي-16.66 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهه 0.62 ميل، ڊسچارج 4.53 ڪيوسڪس آهي. هن تي 1063 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 1058 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مائينر مان 4 واهه نڪرن ٿا.
36. لاشاري مائينر: لاشاري مائينر دادو ڪئنال مان آر.ڊي-417 کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 0.76 ميل، ڊسچارج 5.17 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 2852 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 959 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. هن مائينر مان 6 واهه نڪرن ٿا.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ دادو ڪئنال مان نڪرندڙ شاخون هتي ختم ٿيون. هنن شاخن جي ڊيگهه تمام ننڍي آهي، ڇاڪاڻ ته دادو ڪئنال جي ساڄي پاسي کان رائيس ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان سنڌو نديءَ جو بچاءُ بند ويجها آهن. دادو ڪئنال، پراڻن نصرت واهه، گهاڙ واهه ۽ الهندي ناري مان آباد ٿيندڙ زمين کي آباد ڪري ٿو.
دادو ڪئنال ڪن حصن ۾ پراڻي الهندي ناري واهه مان وهي ٿو. ڪجهه ان جون پراڻيون وڏيون موريون به اڃا بيٺيون آهن.
دادو ڪئنال مان 47 شاخون نڪرن ٿيون، جن جي ڊيگهه 104 ميل آهي. شاخن مان 424 واهه (Out lets) نڪرن ٿا. دادو ڪئنال تي 90838 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ان مان 75025 ايڪڙ زمين آباديءَ لائق آهي. 68771 ايڪڙ زمين خريف ۽ ربيع جي موسم ۾ آباد ٿئي ٿي. دادو ڪئنال تي اٽڪل 18 موريون رستن جون آهن. دادو ڪئنال تي هنن شهرن ۾ انسپيڪشن بنگلا آهن: (1) نصرت، (2) نئون ديرو، (3) باقراڻي شهر، (4) ڏوڪري، (5) گاجي ديرو، (6) عالماڻي وغيره.


لفظ دادو ڪئنالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو